احسان علي لغاري

احسان علي لغاري

احسان علي لغاري

احسان علي لغاري: ليکڪ ۽ شاعر احسان علي لغاري، پھرين مارچ 1984ع تي خير محمد لغاريءَ جي گهر ۾، ڳوٺ عطا محمد لغاري، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي سنڌي آهي. هن لکڻ جي شروعات 1999ع کان ڪئي. 2003ع ۾ ٻارڙن جي بند پيل رسالي ”گلستان“ کي ساڳئي اداري پاران جاري ڪري پنج شمارا شايع ڪرايا، ان بعد جنوري 2004ع ۾ ٻارڙن لاءِ”گلزارِ سنڌ“ رسالو جاري ڪيو، جنهن جا 15 شمارا شايع ٿيا. سندس مضمون ۽ شاعري مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: جدائي (شاعري:2001ع)، سڻي سڏ ساهڙ جا (ساهڙ فقير جو ڪلام، تحقيق: 2011ع)، پئي پراڻو نه ٿئي (عارف الموليٰ جون تحريرون، سهيڙ: 2012ع)، مون جي ڏٺا ماڳ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا سفرناما، سهيڙ: 2013ع)، جدولي حساب (سهيڙ: 2013ع)، ڪلام منٺار فقير راڄڙ رحه (سهيڙ: اردو ۾، 2015ع)، احوال عشق (پريل فقير پينار جو ڪلام، سهيڙ: 2016ع) شامل آهن. پبلشر جي حيثيت ۾ هن مختلف وقتن تي پنج ادارا: (1) اين اي جان فائونڊيشن (2001ع)، (2) فيض فائونڊيشن (2012ع)، (3) رومي ڪتاب گهر (2020ع)، (4) رومي پبلشر (2020ع) ۽ (5) رومي فائونڊيشن (2020ع) قائم ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايا آهن.هو هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.03.01  عيسوي

ليکڪ ۽ شاعر احسان علي لغاري، پھرين مارچ 1984ع تي خير محمد لغاريءَ جي گهر ۾، ڳوٺ عطا محمد لغاري، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پونجو سيٺ
ڀُوپت
ظفر الله جمالي
پير عالي
پمناڻي هاسارام پروفيسر
غلام علي موسيقار
ببيتا
راوت رڻمل راٺوڙ
ڀاوناڻي موهن ديارام
حيات سنڌي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون